اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ هنرمندي افرادي قوت جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڀرندڙ مارڪيٽ رجحانن موجب وڌيڪ هنرمند پيشيور ماڻهو تيار ڪن، هنرمندي انس??ني وسيلن جي وڌندڙ گه??ج پورو ڪرڻ لاءِ آن لائن ۽ فاصلاتي تعليم کي فروغ ڏيڻو پوندو. اها ڳالهه هن ايوان ??در ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي سينيٽ جي چوٿين ا??لاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار ۽ يونيورسٽي جي سينيٽ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته يونيورسٽيون اڀرندڙ مارڪيٽ رجحانن موجب وڌيڪ هنرمند پيشيور ماڻهو تيار ڪن، پاڪستان ??ان گڏوگڏ سڄي دنيا ۾ هنرمند ماڻهن جي سخت ضرورت آهي، هن چيو ته شاگردن جو ??عد??د وڌائڻ جو منصوبو تيار ڪرڻ لاءِ اسڪلز يونيورسٽي هڪ ڪميٽي جوڙي، هنرمندي افرادي قوت جي مارڪيٽ گه??ج پوري ڪرڻ لاءِ مختصر ڪورسز شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر چيو ته سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ ٻه شفٽون شروع ڪرڻيون پونديون، هنرمند انس??ني وسيلن جي وڌندڙ گه??ج پورو ڪرڻ لاءِ آن لائن ۽ فاصلاتي تعليم کي فروغ ڏيڻو پوندو، اجلاس ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي سينيٽ جي ٽئين ا??لاس جي منٽس جي به منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ مير چاڪر خان ??ند يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي، ڊيره غازي خان ??ان مفاهمت جي يادداشت جي به منظوري ڏني وئي، يادداشت تحت ادارن جي وچ ۾ تحقيق، تعليم ۽ پيشيوراڻي مهارت جي تربيتي پروگرامن کي فروغ ڏنو ويندو.