اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن کي جديد تعليم سان آراسته ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته هڪ مڪمل انسان جي لاءِ تعليم سان گڏ تربيت به ضروري آه??. صدر اهڙن خيالن جو اظهار غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ جي 26 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته يونيورسٽيون ۽ معاشرو اخلاقيات ۽ قدرن تي خاص ڌيان ڏي، اسان کي پنهنجي تعليمي نظام کي بهتر کان بهتر بڻائڻ تي پنهنجو ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته زماني ۾ تيزي سان رونما ٿيندڙ تبديلين کي سمجهڻو پوندو، ٽيڪنالاجي جي مدد سان علم تائين پهچ وڌي چڪي آه??. هن چيو ته انسان جي تجزيه ڪاري ۽ فيصلاسازي جون صلاحيتون بنيادي اهميت اختيار ڪر?? ويون آه??. قدرتي وسيلن جي ڀيٽ ۾ انساني ۽ فڪري وسيلن جي اهميت وڌي وئي آه??. صدر چيو ته موجوده دور ۾ علم ترقي جو واحد رستو آه??، پاڪستان کي هنرمند ۽ تربيت يافته انساني وسيلن جي ضرورت آه??، يونيورسٽيون معياري انساني وسيلن جو وڌيڪ انگ پيدا ڪن. صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پاڪستان ساليانو ??ٽڪل 30 هزار شاگرد پيدا ڪر?? ٿو، هنرم??د نوجوان آن لائين خدمتن جي مدد سان روزگار ڪمائي رهيا آه??. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان کي اخلاقيات جي لحاظ کان برتري حاصل آه??. پاڪستان 40 سالن تائين 40 لک افغان پناهگيرن کي پناهه ڏني، پاڪستان ۾ زلزلي ۽ ٻوڏ جي صورتحال ۾ عوام وڌي چڙهي فلاحي ڪمن ۾ حصو وجهي ٿي. صدر چيو ته قيادت پاران صحيح فيصلاسازي جي ضرورت آه??، فيڪ نيوز ۽ غيبت جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. سر سيد احمد خان، علامه اقبال ۽ قائداعظم اسان کي هڪ قوم جي حيثيت سان مٿي اٿاريو. صدر چيو ته پاڪستان جي ترقي لاءِ جمهوريت، واپار ۽ جذبي جي ضرورت آه??. هن چيو ته شاگردن تي معاشري جي ترقي ۽ ڀلائي جي خصوصي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي.