ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ڪراچي واپاري اتحاد جي سربراهه ۽ ناليواري واپاري عتيق مير ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اس??ن جي ڀائرن ۽ ڀينرن سان پنهنجي اڻٿڪ ۽ پختي حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو آ??ي. هن ڪشمير اس??حصال ڏهاڙي جي حوالي سان اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته اس??ن جي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان انسانيت جي تاريخ جو هولناڪ ترين سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ اهي ڊگهي عرصي کان غيرانساني گهيراءُ ۾ قيد آهن. هن چيو ته ڪشميرين جو وحشياڻو گهيراءُ ختم ڪرائڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني چرپر ۽ آبادڪاري کي روڪڻ جي لاءِ عالمي برادري کي ڀارت جو احتساب ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادڪاري جو مقصد آبادي جي تناسب کي تبديل ڪندي مسلمانن کي هڪ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته اس??ن کي بيداري پيدا ڪرڻ ۽ ڪشمير جي آواز کي بلند ڪرڻ ۽ واضح ڪرڻ جي لاءِ اس??حصال ڏهاڙي کي پرجوش طريقي سان ملهائڻ گهر??ي ۽ ملڪي ۽ عالمي سطح تي ڪشميرين جو پيغام پهچائڻ گهرجي.