اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ??ار?? جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ غيرآئيني قدم جي مذمت ۽ ??ار??ي فوجي گهيراءُ ??ي ٽي سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي اڄ جمعي ڏينهن استحصال ڏهاڙو ملهئيندو. حڪومت استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سيمينارز ۽ ڪانفرنسز سميت ڪيترن ئي پروگرامن جو اهتمام ڪيو آهي جڏهن ته ڪشميرين جي حمايت ۾ سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون جنهن ۾ هر طبقه فڪر جا ماڻهو ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪندا. پوري قوم پنهنجي ڪشميري ڀا??رن کي اهو پيغام ڏيندي ته پاڪستاني عوام انهن جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۽ ??ار??ي فوج جي ظلمن جي خلاف سدائين انهن سان گڏ بيٺل رهندي. لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ آباد ڪشميري به 5 آگسٽ 2019ع جي ??ار?? جي غيرآئيني قدم جي مذمت جي لاءِ استحصال ڏهاڙو ملهائيندا. ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جا ڪارڪن ريلين ۽ ٻين سرگرمين ذريعي والاريل ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي خلاف ??ار??ي دهشتگردي جي خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. سول سوسائٽي جون تنظيمون ڪشميري عوام جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سيمينارز ۽ ٻين پروگرامن جو پڻ اهتمام ڪنديون. استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خام??شي اختيار ڪئي ويندي. ٽريفڪ کي هڪ منٽ جي لاءِ روڪيو ويندو ۽ سا??رن وڄايا ويندا. هڪ منٽ جي خام??شي جي فوري پوءِ ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز تي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جا قومي ترانا وڄايا ويندا. ٻئي طرف اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهرن جي اهم رستن تي ڪشميرين جي خراب حالت کي اجاگر ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج پاران ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پوسٽرز ۽ بل بورڊز هنيا ويندا. 5 آگسٽ 2019ع تي مودي جي قيادت هيٺ ??ار??يا جنتا پارٽي جي حڪومت ??ار??ي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري ڇڏيو هو، ان قانون تحت ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني وئي هئي.