اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته حڪومت جي اولين ترجيح ٻوڏ ??تا??رن جي امداد ڪرڻ جيڪا پهرين ڏينهن کان جاري آهي، ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري قوم ??تا??رن سان گڏ بيٺل آهي، ٻوڏ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بيمارين منهن ڪڍيو آهي، خاص طور تي پاڻيءَ سبب پيدا ٿيل بيمارين ۾ اضافو ٿيو آهي. اهڙو اظهار هن سندس صدارت هيٺ نيشنل فلڊ ريسپانس ڪو آرڊينيشن سينٽر جي اجلاس م ڳال??ائ??ندي ڪيو. اجلاس ۾ ٻوڏ بابت امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي ۽ صوبائي ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي کي ٻوڏ ??تا???? علائقن جي بحالي لاءِ سروي تيز ڪرڻ جي ??دايت ڪئي. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي صوبائي ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي سربراهن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح ٻوڏ ??تا??رن جي امداد ڪرڻ آهي. وفاقي وزير لاڳاپيل اختيارين کي امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي ??دايت ڪندي چيو ته نقصان جو جائزو وٺڻ لاءِ جلد سروي مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ ??تا???? علائقن ۾ ڪيترين ئي بيمارين منهن ڪڍيو. وفاقي وزير صحت واري وزارت ۽ صوبائي حڪومتن جي اختيارين تي زور ڀريو آهي، ته اهي ٻوڏ ??تا???? علائقن ۾ طبي امداد ۾ تيزي آڻين ۽ ٻوڏ بابت امدادي سرگرمين ۾ آءِ اين جي اوز ۽ اين جي اوز کي شامل ڪن ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن کي فائدو پهچائي سگهجي.