ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن مُلاقات ۾ بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) جو اي??دڙ اجلاس جلد اسلام آباد ۾ گهرائڻ تي اتفاق ڪندي وزيراعظم شهباز شريف غذائي تحفظ، واپار ۽ سي??پڪاري، توانائي، دفاع ۽ سي??يورٽي سميت گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ روس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي خوشگوار ماحول ۾ ٿي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن سان گڏ??گڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم روس پاران پاڪستا?? ۾ ??ڏي پئماني تي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ يڪجهتي جي اظهار ۽ حمايت تي صدر پيوٽن جا ٿورا مڃيا ۽ کيس موسمياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ هن آفت جي تباهي آڻيندڙ اثرن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم پاڪستان روس لاڳاپ?? ۾ ??سلسل بهتري ۽ استحڪام تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪي مضبوط گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل آهن. وزيراعظم پاڪستان جي روس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو ته جيئن غذائي تحفظ، واپار ۽ سي??پڪاري، توانائي، دفاع ۽ سي??يورٽي سميت گڏيل مفاد جي سمورن شعب?? ۾ ??نهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏئي سگهجي. ملاقات ۾ بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) جو اي??دڙ اجلاس جلد اسلام آباد ۾ گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. افغانستان ۾ روس جي تعميري ڪردار کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان، پاڪستان ۽ روس ٻنهي جي مفاد ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستا?? ۾ ??ائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ عالمي قدمن جي رفتار کي تيز ڪرڻ ضروري آهي. وزيراعظم افغانستان ۾ استحڪام جي لاءِ سمورين علائقائي ۽ عالمي ڪوششن جي حمايت جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو.