اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي قيدي?? جي سزائن ۾ 90 ڏينه?? جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئي?? جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي. سزائن ۾ گهٽتائي سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ سزا يافته قيدين تي لاڳو نه هوندي. قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين، زنا، چوري، ڦر، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ??وه??رين تي سزائن ۾ گهٽتائي جو فيصلو لاڳو نه هوندو. اهڙي طرح مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ??وه??ري?? جي سزائن ۾ به گهٽتائي نه ٿيندي. ايوان صدر جي پڌرائي موجب 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي مرد قيدي جيڪي پنهنجي قيد ??و ٽيون حصو ڪاٽي چڪا آهن ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جُون قيدي عورتُو?? جيڪي قيد ??و ٽيون حصو ڪاٽي چڪيون آهن انهن تي سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي پنهنجي سزا ??و ٽيون حصو ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي.