اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبن جي مقرر مدي ۾ پڄاڻي قومي ترجيح آهي، سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ صنعتي ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيڻ وڃي رهي آهي، ايم ايل ون منصوبو پاڪستان ريلوي جي معاشي بحالي ۽ ترقي جو سبب بڻجندو. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ ٻين چيني منصوبن تي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ انفراسٽرڪچر جي منصوبن خاص طور تي مين لائين ون (ايم ايل ون)، ڪراچي سرڪلر ريلوي، قراقرم هاءِ وي ۽ ٻين منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي ۽ پن بجلي جي منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس کي سي پيڪ منصوبن جي موجوده صورتحال، جاري ڪم ۽ مستقبل ۾ انهن منصوبن جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير، وزي??اع??م جو ڪراچي سرڪلر ريلوي کي سي پيڪ جو حصو بڻائڻ تي ٿورا مڃيا. وزي??اع??م سي پيڪ منصوبن جي مقرر مدي ۾ پڄاڻي کي قومي ترجيح قرار ڏيندي ان تي ڪم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي وزي??اع??م چيو ته مين لائين ون (ايم ايل ون) منصوبو پاڪستان جي لاءِ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو. مين لائين ون (ايم ايل ون) منصوبو پاڪ چين اقتصادي لنگهه جو فليگ شپ منصوبو آهي، مين لائين ون منصوبو پاڪستان جي بندرگاهن کي چين ۽ وچ ايشيائي رياستن سان ڳنڍي ملڪي معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته و?? ايشيائي رياستن سان ريل جي ذريعي رابطا پوري خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندا. اهو منصوبو پاڪستان ريل جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو ۽ وفاق جي علامت آهي. مين لائين ون منصوبو پاڪستان ريلوي جي معاشي بحالي ۽ ترقي جو سبب بڻجندو. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان جي شمسي توانائي جي منصوبن ۾ چيني ڪمپنين جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي آ??يا?? ڪريون ٿا. حڪومت گذريل چئن سالن جي ڪاري دور ۾ سي پيڪ جي تعطل جو شڪار منصوبن ۾ نئون روح وجهي انهن کي ترجيحي بنيادن تي تيز رفتاري سان مڪمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته سي پيڪ هاڻي گورنمينٽ ??و گورنمينٽ ??رحلي مان ??ڪر?? بزنس ٽو بزنس واري مرحلي ۾ داخل ٿي رهيون آهن. سي پيڪ تحت هاڻي پاڪستان ۾ صنعتي ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيڻ وڃي رهي آهي. شهباز شريف چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڪراچي جي رهواسين کي محفوظ سفري سهولتون فراهم ڪندو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزي??اع??م شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزير احسن اقبال، خواجه سعد رفيق، سالڪ حسين، سيد نويد قمر، مريم اورنگزيب، سيد مرتضيٰ محمود، طارق بشير چيما، وزي??اع??م جي صلاحڪار احد چيما، پيٽرولم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاون طارق فاطمي، ظفرالدين محمود جهانزيب خان، سيد فهد حسين، وزي??اع??م جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسن افضل، بدر شهباز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به و??يو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.