اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان نامزد چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي عهدي تي مقرري تي جنرل ساحر شمشاد مرزا کي مبارڪب??د ڏني. جنرل ساحر شمشاد سان ڳالهائين??ي وزيراعظم چيو ته توهان جي پيشيواراڻي قابليت سان هٿياربند فوج ۽ پاڪستان کي فائد?? ٿيندو. وزيراعظم نامزد چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ان جي ذميوا??ين ۾ سرخر?? ٿيڻ جي دعا ڪئي. جنرل ساحر شمشاد مرزا وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.