اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته هو ڪابل ۾ پا??ستان جي هيڊ آف مشن تي دهشتگرد حملي جي معاملي تي افغان عملدارن سان فعال رابطي ۾ آهي، اميد آهي ته ان حملي جي مڪمل جاچ ڪري جو??بدارن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. طالبان جي ترجمان ذ??يح الله مجاهد جي مبينا ريمارڪس جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جا جو??ب ڏيندي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو ته هڪ هڪ جاري جاچ آهي جنهن تي ويجهي کان نظر رکي رهيا آهيون. ??ن چيو ته پا??ستان دهشتگردي جي لعنت سان وڙهڻ جي عزم تي قائم آهي. ميڊيا رپورٽس موجب طالبان جي ترجمان ذ??يح الله مجاهد پنهنجي ٽوئيٽر هينڊل تي دعويٰ ڪئي ته طالبان عملدارن اسلامڪ اسٽيٽ دهشتگرد گروپ جي هڪ غيرملڪي ڪارڪن کي مبينا طور تي پا??ستان جي اعليٰ سفارتڪار تي قاتلاڻي حملي ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي.