اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري س??ود?? عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ س??ود?? عرب جي وچ ۾ ڀائراڻن ??اڳ??پن کي ورجائيندي ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي سم??رن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي گڏيل عزم کي ورجايو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين بابت امداد تي س??ود?? عرب جي قيادت جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير پنهنجي س??ود?? هم منصب کي ”ڪلائميٽ ريزيلينٽ پاڪستان“ بابت اي??دڙ عالمي ڪانفرنس کان آگاهه جيڪا 9 جنوري تي جنيوا ۾ منعقد ٿي رهي آهي. س??ود?? پرڏيهي وزير پاڪستان جي ٻوڏ کانپوءِ جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪوششن جي سم??رن قدمن جي لاءِ س??ود?? عرب جي ڀرپور حمايت کان آگاهه ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن افغانستان جي تازي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن عورتن جي حقن جي ضمانت ۽ زندگي جي سم??رن رخن ۾ انهن جي مڪمل ۽ برابر شرڪت جي اهميت کي ورجايو. هنن افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ امن جي لاءِ پنهنجي حمايت ۽ افغان عوام جي لاءِ وڌيڪ پائيدار مستقبل جي تعمير جي لاءِ عالميم شموليت جي اهميت کي ورجايو.