اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف گڏ??ل عرب ??مارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ گڏ??ل عرب ??مارات جي وچ ۾ خصوصي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ متنوع بڻائڻ جي پنهنجي گڏ??ل عزم کي ورجايو. وزيراعظم پاڪستان ۾ موسمياتي ٻوڏ سان ٿيندڙ تازي تباهي کانپوءِ پاڪستان جي مالي امداد تي گڏ??ل عرب ??مارات جي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ريزيليئنٽ پاڪستان بابت شيخ محمد بن زيد النهيان کي آگاهه ڪ??و ۽ ڪانفرنس ۾ يو اي اي کي اعليٰ سطح جي شرڪت جي لاءِ درخواست ڪئي. شيخ محمد بن زيد النهيان ڪانفرنس جي بنيادي ايجنڊا جي حوالي سان گڏ??ل عرب ??مارات جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏ??ل عرب ??مارات جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. پاڪستان ۽ گڏ??ل عرب ??مارات جي وچ ۾ 5 ڏهاڪن کان ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل قدرن ۽ ثقافت ۾ مضبوطي سان ڳنڍيل آهن. گڏ??ل عرب ??مارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي.