واشنگٽن – 20 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي نئين سياسي ۽ فوجي قيادت ملڪ جي قانونن ۽ آئين جو احترام نه ڪندڙ دهشتگرد تنظيمن سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪندي، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي خوش آمد ڪرڻ واري پاليسي تي عمل پيرا هئي، هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته ??يڪڏهن اسان افغان عبوري حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري سگهون ٿا جنهن جو انهن گروهن تي اثر آهي، ته ??سان پنهنجي سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”واشنگٽن پوسٽ“ سان ڊيووس سوئيٽزرلينڊ ۾ هڪ انٽرويو ۾ ڪيو جتي هو ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ??مران خان ٽي ٽي پي کي نه رڳو لڪڻ جي جڳهه ڏني پر ان جي قيدين کي آزاد ڪيو جيڪي پاڪستان جي تحويل ۾ هئا ۽ انهن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. بلاول ڀ??و زرداري چيو ته ??مران خان سدائين نظرياتي طور تي انهن جي موقف جو همدرد رهيو آهي. ان سوال جي جواب ۾ ته ڇا پاڪستان کي اميد هئي ته نئين افغان حڪومت ٽي ٽي پي جي خلاف ڪارروائي ڪندي، پرڏيهي وزير چيو ته ??سان جي اميد ۽ حقيقت ۾ ان جو معاهدو اهو هو ته ??نهن جي سرزمين دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيندي، اسان کي اميد آهي ته ??هشتگردن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انهن سان تعاون ڪنداسين جيڪ?? اسان جي لاءِ ڳڻتي جوڳو آهي. بلاول ڀ??و زرداري چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻئي دهشتگردي جو شڪار آهن، مون کي يقين نه آهي ته ??فغان حڪومت دهشتگردي جي خلاف پنهنجي طور تي ڪامياب ٿيندي ۽ نه ئي اسان دهشتگردي جي خلاف پنهنجي طور تي ڪامياب ٿينداسين، اسان کي دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. پرڏيهي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته ??يڪڏهن 2007ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو زندهه رهي ها ته نه رڳو پاڪستان هڪ مختلف جڳهه هجي هي پر خطو مختلف رخ ۾ گامزن هجي ها. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو مقصد پاڪستان کي هڪ جمهوري ملڪ بڻائڻ آهي، اسان سمجهون ٿا ته ??نتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جو واحد رستو جمهوريت آهي. ان سوال جي جواب ۾ ته ڇا هو هلندڙ سال ۾ وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو، پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري چيو ته ??اهر آهي ته ??ڳ ۾ چونڊون کٽڻيون پونديون. هن چيو ته منهنجي پارٽي اميد ڪندي ته ??سان کٽي وينداسين، پاڪستان پيپلزپارٽي جو پنهنجو منشور آهي ۽ پاڪستان کي جيڪي چئلينجز درپيش آهن مون کي يقين آهي ته ??سان جي پارٽي جو منشور ملڪ جي اهم مسئلن بشمول مهانگائي ۽ بيروزگاري تي بهترين ڳالهه ڪري ٿو. هن چيو ته مون کي يقين نه آهي ته ڪا هڪ پارٽي پاڪستان جا سمورا مسئلا حل ڪري سگهندي. بلاول ڀ??و زرداري چيو ته ??يڪڏهن اسان جي پارٽي سڀ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري ٿي ته ??ئون وزيراعظم طور حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ هڪ اتحادي حڪومت ٺاهينداسين.