اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ??ي قيادت ۾ هڪ اعليٰ سطحي پاڪستاني وفد افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي تر????ان پاران جاري بيان موجب وفد نائب وزيراعظم ملا عبدالغني برادر اخوند، دفاع واري وزير مولوي محمد يعقوب مجاهد، گهرو وزير سراج الدين حقاني ۽ پرڏيهي وزير امير خان متقي سميت عب??ري افغان حڪومت جي سينيئر قيادت سان ملاقات ڪئي. تر????ان موجب خطي ۾ دهشتگردي خاص طور تي ٽي ٽي پي ۽ آءِ ايس ڪي پي پاران وڌندڙ خطري بابت معاملا بحث هيٺ آيا. ڌرين مختلف ادارن ۽ تنظيمن پاران دهشتگردي جي خطري کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون تي اتفاق ڪيو. بيان موجب ڌرين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ??يڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.