اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هواوي جي عالمي آءِ سي ٽي جي مقابلي ۾ پهريون انعام ماڻين??ڙ ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ ڀاڳچند ميگهواڙ کي مبارڪباد ڏني آهي.صدر هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڀاڳچند ميگهواڙ پاڪستاني نوجوانن جي لاءِ هڪ مثال آهي، هو منهنجي ان راءِ جي توثيق ڪري ٿو ته آءِ ٽي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي تيز ترين ??سان ترين ۽ مختصر ترين ??س??و آهي. هن چيو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستاني نوجوانن کي جيڪڏهن موقعو ۽ رهنمائي ڏني وڃي ??ه هو ڪم??ل ڪري سگهن ٿا. صدر چيو ته اسان کي آءِ ٽي ۽ پنهنجي نوجوانن جي فڪري ترقي تي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. شاباش ڀاڳچند ميگهواڙ!