اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف لڪي مروت ۾ پوليس صدر ٿاڻي تي حملي جي شديد مذمت ڪندي ڊي ايس پي اقبال مهمند سميت 3 جوانن جي شهادت تي ڏک ۽ ا??سوس جو اظهار ڪيو آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم شها??ت ماڻيندڙ ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر اقبال مهمند، سپاهين وقار، مرجان، ڪرامت کي خراج عقيدت پيش ڪيو. و??ير??عظم شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو پڻ اظهار ڪيو. و??ير??عظم چيو ته پوليس دهشتگردي جي خلاف فرسٽ لائين آف ڊفينس جو شاندار ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر ٿاڻي تي دهشتگردن جي حملي جو پوليس جرئت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو. دهشتگردي جي خاتمي ۾ پاڪستان جي بقاءَ ۽ ترقي آهي. و??ير??عظ?? ڊرائيور سردار علي ۽ 6 زخمي پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابي جي دعا پڻ ڪئي. و??ير??عظم خيبرپختونخواهه حڪومت کي شهيدن جي لاءِ پئڪيج ۽ زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.