اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ 2 فيڪٽرين ۾ با??ه وسائيندي شهيد ٿيندڙ 4 فائر فائٽرز کي خراج عقيدت پيش ڪندي با??ه لڳڻ جي واقعن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف با??ه وسائيندڙ عملي جي شهيد جوانن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ زخمين سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته خلقِ خدا جي جان بچائيندي شهيد ٿيندڙ فائر فائٽرز جي ??ها??ري ۽ خدمت جو جذبو ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم سنڌ حڪومت کي شهيد فائر فائٽرز جي گهرڀاتين جي مالي مدد ۽ ٻارن جي تعليم ۽ ڪفالت جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ز??مين کي ع??اج جي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.