اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق زرداري هائوس اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپ??رٽ?? جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردار?? سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن آزاد ڪشمير حڪومت کي درپيش معاشي مسئلن، ايندڙ بجيٽ ۽ آزاد ڪشمير جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزير حڪومت راجا فيصل ممتاز راٺور پڻ وزيراعظم سان گڏ هو. زرداري هائوس اچڻ تي وزيراعظم چوڌري انوارالحق کي پيپلزپ??رٽ?? آزاد ڪشمير جي صدر چوڌري محمد ياسين ڀليڪار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ڪشمير مسئلي تي عالمي ڪوششن ??ي تيز ڪيو ويندو ته جيئن ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏياري سگهجي.