هزارين ماڻهو التوا هيٺ ڪيسن ۾ ”گڊ ٽو سي يو“ جا منتظر آهن، 9 مئي سانحي جو ذميوار عمران خان آهي جنهن جي بڇ تي جي ايڇ ڪيو، حساس عمارتن ۽ رياستي ملڪيتن تي حملا ٿيا، انهن سانحن تي هر دل ڏکويل ۽ هر اک ڳوڙهن هاري آهي: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هزارين ماڻهو التوا هيٺ ڪيسن ۾ ”گڊ ٽو سي يو“ جا منتظر آهن، 9 مئي سانحي جو ذميوار عمر??ن خان آهي جنهن جي بڇ تي جي ايڇ ڪيو، حساس عمارتن ۽ رياستي ملڪيتن تي حملا ٿيا، انهن سانحن تي هر دل ڏکويل ۽ هر اک ڳوڙهن هاري آهي، پي ٽي آءِ جيڪو ڪيو اهو ڪو دشمن به نه ٿو ڪري سگهي، شرپسندي پکيڙيندڙن جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي، پي ڊي ايم عدليه جي وقار جي لاءِ احتجاج ڪيو، هڪ گلدان به نه ٽُٽو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاع??ت واري وفاقي وزير پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ گهٽتائي تي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ناڻي واري وزير مشڪل معاشي صورتحال جي باوجود پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي وڏو ريليف ڏنو آهي. هن چيو ته عمر??ن خان پنهنجي چار سالن ۾ معاشي تباهي ڪئي، ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، پرڏيهي پاليسي تباهه ڪئي، آءِ ايم ايف جو پروگرام معطل ڪري ويو. اسان آءِ ايم ايف پروگرام تي ٻيهر ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪئي، ان تي ڪم جاري آهي. 9 مئي سانحي بابت ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ان سانحي تي هر دل ڏکويل ۽ هر اک ڳوڙهن هاري آهي، هڪ پاڪستاني هجڻ جي حيثيت سان اڄ هر شخص ڏکويل آهي ۽ ان جي شديد مذمت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمر??ن خان سميت پي ٽي آءِ جي ڪنهن اڳواڻ انهن واقعن جي مذمت ناهي ڪئي ڇو ته انهن سمورن واقعن جي منصوبابندي زمان پارڪ ۾ عمر??ن خان جي حڪم تي ٿي هئي ان لاءِ اهي ڇو انهن واقعن جي مذمت ڪندا. مريم اورنگزيب چيو ته عمر??ن خان جي پوري سياست انتشار، فساد ۽ ملڪ جي خلاف سا??ش ۽ دشمني تي ٻڌل آهي، عمر??ن خان جڏهن ڊي چوڪ تي ڌرڻو ڏنو هو ته ان وقت هن اتي قبرون کوٽيون هيون، پي ٽي وي تي حملا ڪرايا ۽ پنهنجي ڪارڪنن کي ان تي شاباس ڏني، جيڪڏهن ان وقت عمر??ن خان کي سزا ملي وڃي ها ته اڄ اهڙا واقعا رونما نه ٿين ها. مريم اورنگزيب چيو ته جڏهن نواز شريف جي دور ۾ ملڪ ترقي ڪري رهيو هو، آءِ ايم ايف جو پروگرام مڪمل ٿي ويو هو، منصوبا هلي رهيا هئا، ماڻهن کي روزگار ملي رهيو هو ان وقت هي شخص ڌرڻي ۾ مصروف هو ۽ پارليامينٽ تي لعنت وجهي رهيو هو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام بيوقوف نه آهي، اها عمر??ن خان جي انتشار تي ٻڌل سياست کان چڱي طرح واقف آهي. وفاقي وزير چيو ته فارن ايجنٽ ۽ فتنو اڄ ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ايجنسين ڪرايو آهي، مراد سعيد جي آڊيو ۽ پيغام عوام ٻڌا آهن، ڇا اهي ايجنسي جا ماڻهو آهن؟، ياسمين راشد ۽ اعجاز چوڌري حساس عمارتن تي حملي جي هدايت ڏئي رهيا هئا، ڇا اهي ايجنسي جا ماڻهو آهن؟ پي ٽي آءِ جي پوري قيادت 9 مئي جي دهشتگردي ۾ ملوث آهي، انهن حساس ٺڪاڻن ۽ ماڻهن جي گهرن تي حملا ڪيا، شهيدن ۽ غازين جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي، جناح هائوس کي سا??يو، ڪور ڪمانڊر جي گهر تي حملو ڪيو، ڇا اهي سڀ ايجنسين جا ماڻهو هئا؟ هن چيو ته فارن فنڊنگ جي ذريعي ملڪ جي خلاف سا??ش ۽ ملڪ ۾ جلاءُ گهيراءُ جي سياست عمر??ن خان جو شيوو رهيو آهي، عمر??ن خان عدالت جي ڪمري جي اندر چيو هو ته تيار ٿي وڃو، جيڪڏهن مون کي گرفتار ڪيو ويو ته 9 مئي کان وڌيڪ ردعمل ايندو، ڇا توهان جي واتان ايجنسي ڳالهائي رهي هئي؟ اهي ڳالهيون ته توهان پاڻ ڪيون آهن. اطلاع??ت واري وفاقي وزير چيو ته عمر??ن خان جڏهن وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي مڙهيل هو ته ان وقت به هو اهوئي ڪم ڪندو هو، ان کان ڪير سوال ڪري ته ان جون پاسراٽيون ٽوڙيون وينديون هيون، پنهنجي سياسي مخالفن کي هن موت جي سزا جي چڪين ۾ وڌو ته جيئن ڪير ان کان سوال نه ڪري سگهي. هن چيو ته لسٻيلا جي شهيدن جي خلاف پي ٽي آءِ جي آفيشل اڪائونٽ تان مهم هلي هئي ڇا اها ايجنسين هلائي هئي؟ 9 مئي تي پي ٽي آءِ جي آفيشل اڪائونٽس تان ڀڃ ڊاهه ۽ جلاءُ گهيراءُ جون هدايتون جاري ٿيون، ڇا اهو ايجنسين جو ٽوئيٽر هينڊل هو؟ عمر??ن خان قومي ٺڪاڻن تي حملا ڪرائي الزام ادارن تي هڻي ڇڏيو، هي عوام کي بيوقوف سمجهن ٿا، ائين نه هلندو. هن چيو ته سياسي ردعمل ڪالهه شاهراهه دستور تي پاڪستان جي عوام پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي، شاهراهه دستور تي پارليامينٽ هائوس، سپريم ڪورٽ، ايوان صدر، اليڪشن ڪميشن جي آفيس سميت اهم عمارتون موجود آهن، ڪنهن به جڳهه تي ڪو نقصان نه ٿيو، هڪ گلدان تائين نه ٽُٽو. هن چيو ته هاڻي عمر??ن خان جا تماشا، ڪوڙ ۽ فساد ختم ٿيڻ گهرجن، عمر??ن خان وٽ جيڪڏهن ثبوت موجود هو ته عدالت ۾ پيش ڇو نه ڪيو؟ توهان ڇو درخواست ڏني ته توهان ان ڪيس ۾ پيش نه ٿيندا؟ جيڪڏهن توهان کي خبر آهي ته تحريڪ انصاف اهي حملا ناهن ڪرايا ته توهان پنهنجا ثبوت کڻي عدالت هليا وڃو پر ثبوت ان جي ابتڙ آهن. اطلاع??ت واري وفاقي وزير چيو ته ڇا عمر??ن خان کي ميٽرو، ايمبولينسن، اسڪولن کي سا??ي سياست ڪرڻي آهي؟ توهان جيڪڏهن ايترائي مقبول آهيو ته پوءِ اليڪشن جو انتظار ڪري سياسي مقابلو ڪريو. اطلاع??ت واري وفاقي وزير چيو ته شهيدن جون يادگارون سا??يندڙن کي ريليف نه ٿو ڏئي سگهجي. عمر??ن خان منصوبابندي سان اهو سڀ ڪجهه ڪيو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻن مراد سعيد، شيخ امتياز، علي چوڌري، چوڌري اعجاز، صغير وڙائچ، خواجه طارق رحيم، اعجاز منهاس، ياسمين راشد، عباد فاروق جون آڊيو ليڪس پڻ ميڊيا کي ٻڌايون ويون جن ۾ اهي ڪور ڪمانڊر جي گهر، آرمي هائوس سميت ٻين اهم ٺڪاڻن تي حملن جون هدايتون ڏئي رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته انهن ثبوتن کانپوءِ به عمر??ن خان چئي رهيو آهي ته حملا ايجنسين ڪرايا. اطلاع??ت واري وفاقي وزير چيو ته عمر??ن خان سمجهي ٿو ته هو جيڪو مرضي ڪندو وڃي ڪير ان کان پڇي نٿو سگهي، چار سال هن ملڪي معيشت ۽ پرڏيهي پاليسي تباهه ڪئي، عوام کي بيروزگار ڪيو، ان کانپوءِ سائفر جي راند کيڏي، اسيمبليون ٽوڙيون ۽ پوءِ پيٽرول بمن سان پوليس تي حملا ڪرايا ۽ اڄ معصوم بڻجي پاڪستان جي عوام کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته ياسمين راشد جي آڊيو موجود آهي جنهن ۾ هوءَ چئي رهي آهي ته ”خان ڳڻي رهيو آهي ته ڪير ڪيترا پيٽرول بم ۽ ڏنڊا آڻيندو.“ هن چيو ته سموريون حالتون خراب ڪرڻ جو ذميوار عمر??ن خان آهي، عمر??ن خان جو تعارف فساد، سازش، دهشتگردي، گار، ڌمڪي ۽ غنڊه گردي آهي. اطلاع??ت واري وفاقي وزير چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان نواز شريف ۽ شهباز شريف جي ملڪ لاءِ خدمتن جي هڪ هڪ نشاني عوام جي سامهون موجود آهي، پي ٽي آءِ جي دهشتگردن کي ڪهڙي خبر ته عوامي خدمت ڇا هوندي آهي، عمارتون ڪهڙي طرح رت ۽ پگهر سان ٺهنديون آهن، شهيدن ۽ يادگارن جي حرمت ڇا هوندي آهي؟ انهن ماڻهن موٽرويز جي انٽرچينجز ۽ ميٽ??و بسن کي باهه لڳائي، اهو انهن جو مائنڊ سيٽ آهي، انهي مائنڊ سيٽ دهشتگردي کي سگهه ڏني. وفاقي وزير چيو ته عمر??ن خان جن ماڻهن جو برين واش ڪري ٿو، انهن کي سمجهڻ گهرجي ته سياسي ردعمل ۽ احتجاج اهڙي طرح ناهي ٿيندو، عمر??ن خان آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن سان ملڪ کي سا??يو، تاريخ عمر??ن خان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاع??ت واري وفاقي وزير چيو ته ملڪي قانون موجود آهن، جن ماڻهن تي جن قانونن تحت ڪيس ٺهن ٿا، انهي موجب ڪارروائي ٿيندي. ملڪ جي اندر دهشتگردي، ملڪ دشمني تي قانون موجب سزا ملندي. هڪ سوال تي هن چيو ته 2018ع ۾ آر ٽي ايس ويهاري عمر??ن خان فتني کي ملڪ تي مڙهيو ويو هو جنهن جو ڪِيتو اڄ قوم ڀوڳي رهي آهي. هن چيو ته عمر??ن خان جو احتجاج سياسي احتجاج نه هو، هن ملڪ جي خلاف ماڻهن کي اتساهيو ۽ جلاءُ گهيراءُ ڪيو، سياسي احتجاج ڪالهه ٿيو هو، 13 سياسي پارٽين جي ماڻهن سپريم ڪورٽ جي وقار جي لاءِ پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرايو. اطلاع??ت واري وفاقي وزير چيو ته 9 مئي جي سانحي ۾ ملوث ماڻهن جي ڊيٽا گهرو وزارت گڏ ڪري رهي آهي، انهن جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت
سلاٹس پر مفت اسپن کو کیسے متحرک کریں۔_سلاٹ بونس گیمز_علامتیں_آٹو پلے سلاٹ گیمز_فون سلاٹ گیمز کے ذریعے ادائیگی کریں۔ سلاٹ گیمز کے ساتھ کیسینو_آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں۔_عملی پلے سلاٹس_آٹو پلے سلاٹ گیمز_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں بہترین فطرت پر مبنی سلاٹس_سلاٹ مشین ایپس_Novomatic Slot Machines_افسانوی مخلوق سلاٹ مشینیں_سلاٹ مشین کے جائزے اور درجہ بندی پاکستان کے لیے ٹاپ اردو سلاٹ ایپس_آٹو پلے کی خصوصیات کے ساتھ بہترین سلاٹس_سب سے بڑے سلاٹ جیک پاٹس_مائیکرو گیمنگ سلاٹس_ویڈیو سلاٹس پر جیتنے کا طریقہ NetEnt Slot Games_iOS آلات پر سلاٹ گیمز کھیلیں_فوری جیت کے ساتھ سلاٹس_بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین_سلاٹ گیمز اسلام آباد میں مقبول ہیں۔ نیٹلر سلاٹس_پاکستان میں موبائل کے لیے مفت سلاٹ گیمز_پاکستان کے لیے آن لائن سلاٹس_گولیاں کے لیے مفت سلاٹ گیمز_ٹاپ ریٹیڈ سلاٹ ایپس بڑے جیک پاٹس کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_فوری کھیلنے کے اختیارات کے ساتھ سلاٹ گیمز_اردو میں کیسینو سلاٹس_پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ_ٹاپ سلاٹ گیم فورمز ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پلےٹیک سلاٹس_سلاٹ مشین_سلاٹ مشین کی ادائیگیوں کو محفوظ بنائیں_آئی فون پر سلاٹ گیمز ہائی لمیٹ سلاٹ مشینیں۔_سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں۔_فوری جیت سلاٹ مشینیں_کیسینو سلاٹ گیمز فیڈ بیک_ایک سے زیادہ بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس