اسلام آباد – 09 ?? جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي ??روگرام (پي ايس ڊي پي) تحت دفاعي پيداوار ڊويزن جي ٻن جا??ي منصوبن جي لاءِ 2000 ملين رپيا رکيا و??ا آهن. جاري پي ايس ڊي پي موجب دفاعي پيداوار ڊويزن جي ??وادر ۾ شپ يارڊ جي جوڙجڪ جي لاءِ پراجيڪٽ مئنيجمينٽ سيل قائم ڪرڻ جي جاري اسڪيم لاءِ 100 ملين رپيا رکيا و??ا آهن. اهڙي طرح ڪراچي شپ يارڊ ۽ انجنيئرنگ ورڪس جي انفراسٽرڪچر جي اپ گريڊيشن جي اسڪيم لاءِ 1900 ملين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. انهن ٻنهي اسڪيمن جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 8471.443 ملين رپيا لڳايو ويو آهي جن مان 30 جون 2023ع تائين ٿيندڙ خرچن جو ڪاٿو 5809.86 ملين رپ??ا آهي.