اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف 7 جولاءِ تي تقدس قرآن ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏينهن سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو. سوئيڊن واقعي تي قومي حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ خميس ڏينهن پارليامينٽ جو گڏيل اج??اس گهرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ش??با?? شريف جي صدارت ۾ اهم اجلاسٿيو. اج??اس ۾ سوئيڊن ۾ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي معاملي تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم 7 جولاءِ تي تقدس قرآن ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو. جمعي ڏينهن 7 جولاءِ تي سوئيڊن واقعي جي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ٿيندو. وزيراعظم محمد ش??با?? شريف سمورين پارٽين سميت پوري قوم کي احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته پوري قوم هڪ زبان ٿي شيطاني ذهنن کي پيغام ڏيندي، جمعي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ سوئيڊن واقعي جي مذمت ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وڃن، وزيراعظم ش??با?? شريف خميس ڏينهن پارليامينٽ جو گڏيل اج??اس گهرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پارليامينٽ جي گڏيل اج??اس ۾ سوئيڊن واقعي تي قومي حڪمت عملي جوڙي وڃي، پارليامينٽ جي فورم تان قوم جي جذبن ۽ احساسن جي ڀرپور ترجماني ڪئي وڃي، وزيراعظم اها به هدايت ڪئي آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اج??اس ۾ گڏيل قرارداد منظور ڪئي وڃي، وزيراعظم پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي جمعي ڏينهن تقدس قرآن ڏهاڙي ۾ ڀرپور شرڪت جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر جي حيثيت سان پارٽي کي سڄي ملڪ ۾ احتجاجي ريليون ڪڍڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ش??با?? شريف اج??اس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته قرآن ڪريم جي عزت ۽ حرمت اسان جي ايمان جو حصو آهي، ان جي لاءِ اسان سڀ هڪ آهيون، گمراهه ذهن اسلامو فوبيا جي منفي رجحان کي پکيڙڻ جي ڪڌي ايجنڊا تي عمل پيرا آهن. هن چيو ته سڄي دنيا جون امن پسند، گڏيل بقاءَ تي گڏيل رکندڙ قومون ۽ قيادت اسلامو فوبيا جو شڪار ۽ مذهبي تعصب رکندڙ پرتشدد قوتن جو رستو روڪ??ن، مذهب، مقدس هست??ن، عقيدن ۽ نظرين کي نشانو بڻائيندڙ پرتشدد ذهن دنيا جي امن جي لاءِ خطرو آهن، عالمي سطح تي پرامن، متوازن ۽ ب??ن المذاهب هم آهنگي ??ي يقين رکندڙ قوتون گڏجي اهڙن رجحانن ۽ واقعن جي تدارڪ جي لاءِ ڪم ڪن.