اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊي ڪيئر سينٽرز بل 2023ع جي توثيق ڪري ڇڏي. بل جو مقصد اسلام آباد ۾ پبلڪ ۽ پرائيويٽ اد??رن ۾ ڊي ڪيئر سينٽرز ج?? سهولت فراهم ڪرڻ آهي. بل تحت وفاقي حڪومت گهٽ ۾ گهٽ 70 ملازمن وارن اد??رن ۾ ڊي ڪيئرز جو قيام يقيني بڻائيندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ڊيئر ڪيئر سينٽرز بل 2023ع تحت گهٽ ۾ گهٽ 70 ملازمن وارا نجي اد??را به ملازمن ج?? سهولت لاءِ ڊي ڪيئرز جو قيام يقيني بڻائيندا. بل تي عملدرآمد نه ڪرڻ جي صورت ۾ پهرين وا??نن?? کانپوءِ هڪ لک رپين تائين جو ڏنڊ هڻي سگهبو. وڌيڪ عملدرآمد نه ڪرڻ جي صورت ۾ 6 مهينا قيد جي سزا به ڏئي سگهبي. صدر بل جي توثيق آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڪئي.