اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارتنگ ضلعي شانگلا ۾ مٽي جي ??پ هيٺان دٻجي فوت ٿيندڙ 8 ٻارن جي ??هرڀاتين جي لاءِ في ڪس 10 لک رپيا مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف مارتنگ ضلعي شانگلا ۾ مٽيءَ جي ??پ ۾ دٻجي فوت ٿيندڙ 8 ٻارن جي ??هرڀاتين جي لاءِ مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. هن هر فوت ٿيندڙ ٻار جي ??هرڀاتين جي لاءِ 10 لک رپين جي مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. ڇپ ڪرڻ سان زخمي ٿيند?? شخص کي به وزيراعظم پاران مالي امداد ڏني ويندي. وزيراعظم مالي امداد جو اعل??ن پنهنجي صلاحڪار ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر انجنيئر امير مقام جي درخواست تي ڪيو. انجنيئر امير مقام وزيراعظم کي خط لکي مارتنگ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ۽ زخمي ٿيندڙن جي امداد جي اپيل ڪئي هئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف انجنيئر امير مقام کي متاثر خاندانن سان ملاقات ڪري تعزيت ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته متاثر خاندانن جي ??ک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.