اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? مريم اورنگزيب پي ٽي وي پشاور س??نٽر جي علائقائي نشريات هفتي جا 7 ڏينهن 24 ڪلاڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پي ٽي وي پشاور س??نٽر جي علائقائي نشريات خيبرپختونخواهه جي سموري?? علائقائي زبانن ۾ دستياب آهي، اها نشريات سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سيٽلائيٽ ذريعي پهچ جوڳي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته اهو قدم پي ٽي وي نيشنل قائم ڪرڻ کانپوءِ خيبرپختونخواهه جي عوام جي پراڻي مطالبي جي تڪميل آهي. ان نشريات سان مقامي مسئلن جي حل ۽ خيبرپختونخواهه جي متحرڪ ثقافت ۽ ورثي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ معلومات، تعليم ۽ انفوٽينمنٽ ڪانٽينٽ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم دستياب هوندو. ان سان مقامي ميڊيا ايڪو سسٽم جي تياري ۾ پڻ مدد ملندي جيڪو مقا??ي ڪميونٽيز جي مفادن جي لاءِ بهتر طريقي سان خدمتون سرانجام ڏيندو.