اسلام آباد – 10 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پائي??ار ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ عالمي ترقياتي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي پائي??ار ترقي جا هدف 2030ع حاصل ڪرڻ جي لاءِ حصي??ار ملڪن سان تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلوبل ڊيول??مي??ٽ انيشي ايٽو (جي ڊي آئي) تي پهرين اعليٰ سطحي فورم کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. گلوبل ڊيول??مي??ٽ انيشي ايٽو: ”ايڪو دي ڊيول??مي??ٽ ايجنڊا ۽ ڪال فار گلوبل ايڪشن“ جي موضوع تحت منعقد ان فورم جو انعقاد چائنا انٽرنيشنل ڊيول??مي??ٽ ڪوآپريشن ايجنسي (سي آئي ڊي سي اي) ڪيو. تقريب ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر ۽ سي پي سي جي پرڏيهي معاملن واري ڪميشن جي جنرل آفيس جي ڊائريڪٽر وانگ يي، اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير چن گينگ ۽ سي آئي ڊي سي اي جي چيئرمين لوزائو هوئي شرڪت ڪئي. ڪيترن ئي ملڪن ۽ عالمي تنظيمن جي ماهرن ۽ ايگزيڪيوٽوز پڻ فورم ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم سماجي ۽ اقتصادي ترقي، موسمياتي تبديلي جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ انسانيت جي پائي??ار ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ترقي جي نئين محرڪات کي استعمال ۾ آڻڻ جي سلسلي ۾ هڪ متفقه عالمي ريسپانس جي لاءِ عالمي ترقياتي تعاون جي فروغ تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي پائي??ار ترقي جا هدف 2030ع حاصل ڪرڻ جي لاءِ حصي??ار ملڪن سان تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم ٺوس ۽ پائي??ار عالمي ترقي جا گڏ??ل هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ عالمي ترقياتي قدم شروع ڪرڻ تي چين کي ساراهيو. جي ڊي آءِ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط حمايت جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ جي ڊي آءِ منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جي لاءِ چين سان گهڻ رخو تعاون جاري رکيو ويندو.