اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قابل تجديد توانائي جي ٽيڪنالاجيز ۾ تيزي سان ترقي جي ڪري قومي معيشتن ۾ معدني وسيلن جي اهيمت ڪيترائي ڀيرا وڌي وئي آهي، عالمي سطح تي چٽاڀيٽي پاليسي فريم ورڪ، مالياتي ۽ ريگيوليٽري نظامن ۽ گهٽ مزدوري جي لاڳت سان گڏجي وڏ?? ارضياتي صلاحيت پاڪستان کي دنيا جي معدني نقشي تي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ پرڪشش مقام بڻائي ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ا?? منعقد ٿيندڙ پاڪستان منرلز سم?? ۾ دوست ملڪن جي سفيرن، معدنيات جي شعبي جي ايگزيڪيوٽوز، سائنسدانن، صنعت جي ماهرن ۽ پاليسي سازن کي گڏ ڪيو ويو ته ج??ئن معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ موجود بي پناهه صلاحيتن تي غور ڪري سگهجي ۽ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ سفارشون پيش ڪري سگهجن. اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل جي اهتمام ي??ٺ اها سم?? منعقد ٿي، اها زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي تي منعقد سم?? کانپوءِ ان سلسلي جي ٽئين سم?? هئي. هن چيو ته قابل تجديد توانائي جي ٽيڪنالاجيز ۾ تيزي سان ترقي جي ڪري قومي معيشتن ۾ معدني وسيلن جي اهميت ڪيترائي ڀيرا وڌي وئي آهي. سم?? نئين هدفن وارن علائقن جي تعين، ڳولا جي حڪمت عملين کي بهتر بڻائڻ ۽ معدنيات کي ڪڍڻ جي لاءِ نئين طريقيڪار جوڙڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ، مٽيءَ، عمارتي پٿر، صنعتي معدنيات، ڪوئلي کان وٺي ڌاتي معدنيات ۽ قيمتي جواهرات تائين جي معدني وسيلن جي حوالي سان مشهور آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي چٽاڀيٽي پاليسي فريم ورڪ، مالياتي ۽ ريگيوليٽري نظامن ۽ گهٽ مزدوري جي لاڳت سان گڏجي وڏ?? ارضياتي صلاحيت پاڪستان کي دنيا جي معدني نقشي تي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ پرڪشش مقام بڻائي ڇڏيو آهي. اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن اسان جي معدني دولت قومي جي ڊي پي ۾ موجوده هڪ سيڪڙو کان وڌي 5 سيڪڙو تائين پهچي ويندي.