اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آ??ي ته جتي معدفي ذخيرا آهن هو پٺي تي پيل علائقا آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته معدنيات جي ترقي جي ثمرن سان مقامي ماڻهن کي تعليم، صحت، روزگار ۽ ترقي ۾ حصو ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان منرلز سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ٻيهر ٽيڪ آف جي لاءِ تيار ٿي رهيو آ??ي، پاليسن جي تسلس کي جاري رکيو، 2035ع تائين پاڪستان هڪ هزار ارب ڊالر جي معيشت بڻجي سگهي ٿو ۽ في ڪس آمدني چار هزار ڊالر ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪار اچي رهيا آهن جن سان م??ڪ جي معاشي ترقي سان گڏوگڏ عوامي ترقي به ٿيندي، اسان کي پنهنجي محنت سان ترقي ڪرڻي آهي، ترقي جي ان عمل ۾ سڀني کي شامل ڪرڻو آ??ي. هن چيو ته پاڪستان ۾ کاڻين کو??ڻ واري شعبي ۾ ڪيترائي ??وق??ا آهن ۽ کاڻين کوٽڻ کي شروع ڪرڻ لاءِ اسان وٽ اهو درست وقت آهي.