اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته پاڪستان ۾ زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، آءِ ٽي، توانائي ۽ دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ ٻاهرئ??ن سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، نگرا?? حڪومت معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻاهرئ??ن سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ قائم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) بابت بريفنگ دوران ڪيو. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي سيڪريٽري عملدرآمد جهانزيب خان ۽ سيڪريٽري جميل احمد قريشي بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، آءِ ٽي، توانائي ۽ دفاعي پيداوار ۾ ٻاهرئ??ن سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدمن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي ايس آئي ايف سي تحت ٻاهريون سرمايو وڌائڻ ۽ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ حڪومت جي حڪمت عملي بابت ٻڌايو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ا?? حڪمت عملي تحت سيڙپڪارن کي منصوبن جي لاءِ ون ونڊو سهولت ڏني ويندي. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ايس آئي ايف سي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي، سياحت ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن ۾ پڻ ٻاهرئ??ن سيڙپڪاري جي تمام گهڻي صلاحيت آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ڇتري هيٺ انهن شعبن جي ترقي تي پڻ خاص ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته ٻاهرئ??ن سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ عا??مي معيار جو انفراسٽرڪچر اهميت رکي ٿو. هن هدايت ڪئي ته پاڪستان جي توانائي شعبي جي بهتري لاءِ ريگيوليٽري اسٽرڪچر کي موجوده دور جي عا??مي گهرجن سان هم آهنگ ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، آءِ ٽي، توانائي ۽ دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ ٻاهرئ??ن سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، نگرا?? حڪومت ايس آئي ايف سي جي فورم جو ڀرپور استعمال يقيني بڻائيندي، نگرا?? حڪومت پنهنجي مختصر حڪومت جي دور ۾ پنهنجون سموريون توانائيون پاڪستان جي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي تي لڳائيندي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پاڪستان جي معاشي ترقي جي لاءِ هڪ اميد جو ڪِرڻ?? آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جهانزيب خان ۽ جميل احمد قريشي جي ايس آئي ايف سي تحت ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.