اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ س??) جو اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل (سياسي) ۽ ڄم??ن ۽ ڪشمير جي لاءِ خصوصي ??ما??ندو يوسف الدوبي پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل ڏينهن هن پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد ق??ضي سان ملاقات ڪئي ۽ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (گڏيل قومون) جي سفير سيد حيدر شاهه سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سان پڻ ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته خصوصي ??ما??ندو يوسف الدوبي اڄ پاڪستان جي نگران وزيراعظم ۽ نگران پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪندو، هو آزاد ڄم??ن ۽ ڪشمير جو دورو پڻ ڪندو. هن چيو ته هي دورو مارچ 2022ع جي ايڪشن پلان موجب آهي جيڪو او آءِ س?? رابطا گروپ ڄم??ن ۽ ڪشمير تي اختيار ڪيو آهي جنهن ۾ ڄم??ن ۽ ڪشمير بابت خصوصي ايلچي کي زميني صورتحال با??ت معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ خطي جي سالياني دورن جو اهتمام ڪرڻ جو مينڊيٽ ڏنو ويو هو ته جيئن هو پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل کي پنهنجي مشاهدن جي رپورٽ پيش ڪري.