بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) ترقي ۽ خوشحالي ۽ خطي جي لاءِ گيم چينجر منصوبو آهي، سي پيڪ بي آر آئي جو فليگ شپ منصوبو آهي، پاڪستان ۾ سي پيڪ ۾ ٻين ملڪن ۽ حصيدارن جي آجيان ڪندو، دنيا کي ماحولياتي تبديلي، غذائي تحفظ ۽ وبائن جو چئلينج درپيش آهي، گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي منصوبن ۾ ئي انسانيت جي ڀلائي آهي. ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ جي اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪندي هن ??يو ته بي آر آئي فورم ۾ شرڪت تي تمام گهڻي خوشي آهي. بيلٽ اينڊ روڊ جي تصور تي صدر شي کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، بي آر آئي ترقي ۽ خوشحالي جو منصوبو آهي، بي آر آئي ۽ سي پيڪ کي 10 سال مڪمل ٿ?? چڪا آهن. عوامي سطح تي رابطن ۽ معاشي ترقي کي بي آر آئي سان فروغ مليو آهي. هن ??يو ته ٺوس رابطنا ئي عوام جي خوشحالي جو سبب بڻجن ٿا. هن ??يو ته چين جي ترقياتي ماڊلز کان تمام گهڻو متاثر آهيون، دنيا کي ماحولياتي تبديلي، غذائي تحفظ ۽ وبائن جا چئلينج درپيش آهن. ٽر??نس??ورٽيشن، توانائي ۽ ڊيجيٽل فرق جي خاتمي لاءِ عالمي سيڙپڪاري ضروري آهي. هن ??يو ته 2013ع ۾ پاڪستان ۾ بي آر آئي جي فليگ شپ منصوبي سي پيڪ جي شروعات ٿي. سي پيڪ تحت 25 ارب ڊالر جا 50 منصوبا مڪمل ٿ?? چڪا آهن، سي پيڪ منصوبن سان پاڪستان ۾ 8 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي ۽ 10 هزار ميگاواٽ جا منصوبا پڄاڻي هيٺ آهن. هن ??يو ته گوادر م عالمي ايئرپورٽ جلد فعال ٿي ويندو. ٺوس سڌاراجاتي رابطن جي ذريعي زراعت ۽ صنعت ترقي ڪندي. هن ??يو ته ڪ??وڙ??ن ماڻهن ??ي غربت مان ڪڍڻ تي چيني قيادت خراج تحسين جي مستحق آهي. پاڪستان سي پيڪ ۾ ٻين ملڪن ۽ حصيدارن جي آجيان ڪندو.