راولپنڊي-26 آڪٽوبر(اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه ??نر?? سيد عاصم منير چي?? ته دا??شورن ۽ سول سوسائٽي جي وڌيڪ ذميداري آهي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته اسان جو عوام، خاص طور تي نوجوان نسل پاڪستان جي رياستي ادارن خلاف جاري پروپيگنڊا جي باري ۾ پن??نج?? معلومات ۾ اضافو ڪن ۽ ان جو مقابلو ڪن، هر هڪ پاڪستاني جي حفاظت ۽ سلامتي انتهائي اهميت جي حامل آهي جنهن تي ڪنهن به قيمت تي سمجهوتو ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف 25هين نيشنل ??يڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪري رهيو هو، جن جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ان سان ملاقات ڪئي. شرڪت ڪندڙن کي بين الاقوامي، علائقائي سيڪيورٽي ۽ قومي سلامتي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. نيشنل ??يڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن آرمي چيف ??نر?? سيد عاصم منير، نشانِ امتياز (ملٽري) سان به ملاقات ڪئي. آرمي چيف چي?? ته پاڪستان جي هٿياربند فوج، سيڪيورٽي ۽ـ انٽيليجنس ادارا دشمن قوتن جي مسلسل ڪوششن باوجود دهشتگرديءَ جي لعنت جو بهادريءَ سان مقابلو ڪري رهيا آهن. پاڪستاني عوام جي مسلسل تعاون سان انشاءَ الله ڪاميابي اسان جو مقدر هوندي. شرڪت ڪندڙن کي غير قانوني سرگرمين کي روڪڻ لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو ويو، جن ۾ اسمگلنگ، بجلي چوري، منشيات جي پکيڙ، بارڊر ڪنٽرول جي قدمن ۽ـ پاڪستان مان غير قانوني پرڏيهين جي وطن واپسي شامل آهي. غير قانوني پرڏيهين جي وطن واپسي ۽ ملڪ بدريءَ جي موضوع تي آرمي چيف ڳالهائيندي چي?? ته هرهڪ پاڪستانيءَ جي وفد ۽ـ سلامتي انتهائي اهميت جي حامل آهي، جنهن تي ڪنهن به قيمت تي سمجهوتو ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. آرمي چيف معيشت جي بهتريءَ لاءِ کنيل ڪيترن ئي فعال قدمن جنهن ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي نتيجي ۾ معيشت تي مثبت اثرن کي به اجاگر ڪيو. آرمي چيف چي?? ته پاڪ فوج پاڪستان جي عوام جي بهتريءَ لاءِ رياست جي ٻين ادارن سان ملي مختلف شعبن ۾ قومي ۽ صوبائي سطح تي پوري طرح مصروف عمل آهي. اسان هڪ مضبوط قوم آهيون جنهن امن ۽ استحڪام جي حاصلات لاءِ ڪيترن ئي آزمائشن کي برداشت ڪيو. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي سالياني نيشنل ??يڪيورٽي ورڪشاپ ۾ مختلف مڪتب فڪر جا نمائندا شريڪ هوندا آهن. 25هين نيشنل ??يڪيورٽي ورڪشاپ ۾ پارليامينٽرينز، سول ۽ هٿياربند فوج جي سينيئر آفيسرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سميت 98 ڄڻا شرڪت ڪري رهيا آهن.