اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سوئيڊن ٻطرفي ??عا??ن ج?? رفتار تي اعتماد جو اظهار ڪندي ايندڙ سال پاڪستان ۽ سوئيڊن سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائڻ، ٻطرفين ڳالهين، گڏيل رابطن ۽ ??عا??ن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان ۽ سوئيڊن ج?? ٻطرفي سياسي مشاورت جو 17 هون دور اسٽاڪ هوم ۾ ٿيو. ايڊيشنل ??رڏيهي سيڪريٽري (يورپ)، سفير شفقت علي خان پاڪستاني وفد جڏهن ته سوئيڊن پاران ڊائريڪٽر جنرل ۽ گلوبل ڊپارتمينٽ جي سربراهه ڊيگ جوهلن ڊي??فيلٽ ۽ وقتي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ فار ايشيا اينڊ پيسفڪ آسڪر سلائيٽ گڏيل قيادت ڪئي. سوئيڊن ج?? پرڏيهي وزارت سفير شفقت خان پرڏيهي معاملن بابت سيڪريٽري جان ناٽسن سان پڻ ملاقات ڪئي. ڌرين سياسي، اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري ۽ تعليم سميت ٻطرفن لاڳاپن ج?? سمورن شعبن ج?? جائزو ورتو. ايڊيشنل ??رڏيهي سيڪريٽري يورپي يونين ج?? صدارت جو مدو ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي سوئيڊن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان قابل تجديد توانائي، سسٽين ايبل ٽيڪنالاجيز، ويسٽ مئنيجمينٽ، آئي سي ٽي ۽ آر اينڊ ڊي ۾ ??عا??ن کي وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن وڌيڪ سوئيڊش ڪمپنين پاران پاڪستان ۾ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻڻ جي آجيان ڪئي ۽ سوئيڊن ج?? عملدارن مضبوط اقتصادي ۽ سياسي ??عا??ن تي ٻڌل وسيع البنياد ٻطرفا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي سفير شفقت علي خان سوئيڊن کي افغانستان ۽ ڀارت سميت ڏکڻ ايشيا ۾ سلامتي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني جنهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن ج?? سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪيو ويو. سوئيڊن پاڪستان کي يورپي يونين ج?? صدارت، نورڊڪ ريجن ۽ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي ??عا??ن ج?? سطح تي اطمينان ج?? اظهار ڪيو ۽ هڪ ٻئي جي حمايت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. هنن ٻطرفي لاڳاپن ج?? رفتار کي برقرار رکڻ جي لاءِ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. پاڪستان سوئيڊن ٻطرفي سياسي مشاورت جو ايندڙ دور اسلام آباد ۾ ٿيندو.