اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪول کا?? ٻاهر 2 ڪروڙ 80 لک ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ مسجدن کي خواندگي ۽ تعليمي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، مسجدون ۽ مدرسا هيٺئين سطح تي اهم سماجي ۽ صحت جي مسئلن بابت بيداري پيدا ڪرڻ کا??سواءِ اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ مسجدن ۽ مدرسن بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مذه??ي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري نگران وفاقي وزير انيق احمد، اسلامي نظريايت ڪائونسل جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر قبلا اياز، صوبائي وزيرن ۽ اوقاف ۽ مذه??ي معاملن واري اداري جي نمائندن سان گڏوگڏ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ۾ اسڪولن کا?? ٻاهر اٽڪل 28 ملين ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ هڪ تمام وڏو چئلينج آهي جنهن جي لاءِ هزارين نئين اسڪولن ۽ اضافي وسيلن جي ضرورت هوندي. هن اسڪول کا?? ٻاهر ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ معاشري پاران غيرروايتي حل ۽ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي عملدارن اجلاس کي ٻڌايو ته اسڪول کا?? ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ هڪ جلد سکڻ جو پروگرام شروع ڪيو آهي. صدر چيو ته مسجدون ۽ مدرسا جمعي جي خطبن جي ذريعي اخلاقي قدرن، ڀائيچاري، رواداري، امن، ??ين المذاهب هم آهنگي ۽ هڪ ٻئي جي حقن جي احترام کي فروغ ڏئي معاشري جي اصطلاح ۽ معاشرتي براين تي ابطو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن مسجدن جي ذريعي ذهني ۽ عمومي صحت جي مسئلن، ??بادي جي ڀلائي، بين المذاهب هم آهنگي، ع??رتن جي حقن ۽ ڪميونٽي جي سطح تي غذائي کوٽ بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر وڌيڪ چيو ته صحت، تعليم ۽ مذه??ي معاملن جي وزارتن پاران وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مسجدن ۽ مدرسن جي شموليت سان ماڻهن کي سماجي ۽ صحت جي مسئلن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس انداز اختيار ڪيو وڃي.