مظفر آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان جي دفاعي صلاحيت جي ڪري ڪنهن ۾ جرئت نه آهي ته پاڪستان طرف اک کڻي ڏسي، گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ريفرنڊم کانسواءِ ڪشمير مسئلي جو ڪو حل قبول نه آهي، مودي والاريل ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻائي ڇڏيو، اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آ??ي، اصل ڌيان ان ڳالهه تي رهڻ گهرجي ته اسرائيلي ظالم نيتن ي??هو جا هٿ ڪيئن روڪيا وڃن، اتي جنگبندي ٿئي ۽ ان??ان?? لنگهه کلي، پاڪستان ۾ قانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين کي واپس نه پيو موڪليو وڃي، پنهنجا وسيلا غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين تي نه پنهنجي شهرين تي خرچ ڪرڻا آهن، معيشت بهتر ٿي رهي آهي، اميد آهي ته وياج جي شرح ۾ به گهٽتائي ايندي، يونيورسٽين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، داخلائن ??ي لاءِ ڪوٽا جو مسئلو گڏيل مشاورت سان حل ڪيو ويندو، وفاقي حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي آبادي 24 ڪروڙ آهي ۽ 60 کان 65 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي. ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ڪشميري آزادي جي تحريڪ جو ??هم حصو آ??ن. معاشي موقعا پيدا ڪرڻ ??ي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جي ضرورت آهي. روزگار حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ ٻاهرئين ملڪ ويندڙن کي منفي انداز ۾ نه وٺڻ گهرجي. نوجوانن کي ڄاڻ هجڻ گهرجي ته اهي جنهن شعبي جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ان جي عملي ميدان ۾ ڪيتري اهميت آهي، معياري تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، يونيورسٽين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. ايڇ اي سي سان ميڊيڪل ۽ ٻين شعبن ۾ تعليم جي فروغ لاءِ اسان جي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ان ??ي لاءِ هڪ ٺوس منصوبو جوڙيو پيو وڃي. اميد آهي ته ان جا بهتر اثر پوندا. داخلائن ??ي لاءِ ڪوٽا جو مسئلو گڏيل مشاورت سان حل ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته هڪ جهڙو تعليمي نصاب سنجيده معاملو آ??ي ۽ ??هو چئلينج به آهي، ان تي تفصيلي غور فڪر ڪري عملدرآمد ٿيڻ گهرجي، سنجيده بحث سان ئي اسان ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهون ٿا. پارليامينٽ کي ان ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان حوصلا افزائي ڪنداسين ته ان تي ڪو لاڀائتو بحث ڪيو وڃي. اڳتي وڌڻ ??ي لاءِ مڪالمي جو فروغ ضروري آهي. هن چيو ته فزيوٿراپي ڪائونسل ۽ نرسنگ ڪائونسل جي حوالي سان جيڪي به معاملا آهن آزاد ڪشمير جي حڪومت سان ان تي ڳالهه ڪنداسين. ميڊيڪل جي تعليم جي حوالي سان هڪ نئين پاليسي ٺاهي پئي وڃي، 15 جنوري تائين منظوري ??ي لاءِ اها ڪابينا ۾ پيش ڪئي ويندي جنهن ۾ سمورن معاملن جو ??ل ڏنو ويندو. هن چيو ته ميڊيڪل جي شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ آزاد ڪشمير حڪومت سان ڀرپور تعاون ڪنداسين. نگران وزيراعظم چيو ته نريندر مودي والاريل ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻائي ڇڏيو آ??ي. ماڻهن جي چرپر ۽ هڪ ٻئي سان ملڻ تي پابندي آهي. اهي سمورا مسئلا ان وقت حل ٿيندا جڏهن ڪشمير مسئلي جو ??تمي حل نڪرندو. ان حتمي حل کانپوءِ سڀني ??ي لاءِ آ??ان??ون پيدا ٿينديون. هن چيو ته ڪوريڊورز جي پنهنجي اهميت آهي پر ان ۾ ڀارت هڪ وڏي ۽ ظالم ڌر آهي. ڪشمير جي ٻنهي حصن جي وچ ۾ ڪوريڊور قائم ڪرڻ ??ي لاءِ اسان هڪطرفي طور تي ڪو فيصلو نٿا ڪري سگهون. نگران وزيراعظم چيو ته ڪشمير مسئلي جو ??تمي حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب منصفاڻو ۽ غيجانبداراڻو ريفرنڊم آهي. ڪشميري عوام، پاڪستان ۽ ڀارت ان مسئلي جا سڀ کان وڏي ڌر آهن، ريفرنڊم کانسواءِ ڪو حل قابل قبول نه هوندو. نگران وزيراعظم چيو ته افواهون دوست نه پر دشمن ڦهلائيندا آهن، اهي چاهين ٿا ته اسان جي وچ ۾ غلط فهميون پيدا ٿين، اسان جي اها ذميواري آهي ته اسان انهن افواهن جو ??زالو ڪريون ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ منفي جذبن جو ??زالو ڪريون. ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ ۾ هزارين ڪشميرين پنهنجو ??ت وهايو آ??ي. پاڪستان ان مسئلي تي ٽي جنگيون وڙهي چڪو آ??ي ۽ اڳتي به هر قسم جي جنگ وڙهڻ ??ي لاءِ تيار آهي. ڪشمير مسئلي جو ??ڳو هڪ ئي حل آهي ۽ اهو آ??ي ريفرنڊم. اسان ڀارت جي جنهن قدم جي خلاف عالمي سطح تي آواز اٿاري رهيا آهيون ??هو ئي قدم پاڻ ڇو کڻنداسين، ڪشميري پنهنجو فيصلو پنهنجي مرضي سان ڪندا، ڪشمير مسئلي تي پنهنجي موقف تان هڪ انچ به پٺتي نه هٽنداسين ۽ ان کي هر فورم تي اجاگر به ڪندا رهنداسين، پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. نگران وزيراعظم چيو ته هائوس جاب جو معاوضو پوري ملڪ ۾ برابر هجڻ گهرجي. وفاقي حڪومت جيڪڏهن ان ڏس ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ته ڪندي. نگران وزيراعظم چيو ته اسٽيٽ بئنڪ کي 2019ع ۾ خودمختيار بڻايو ويو آ??ي. ناڻي واڌ جي شرح کي نظر ۾ رکندي وياج جي شرح جو ??عين ڪيو وڃي ٿو. اسان اسٽيٽ بئنڪ تي وياج جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ ??ي لاءِ دٻاءُ نه ٿا وجهي سگهون پر جهڙي طرح معيشت بهتري طرف وڃي رهي آهي، اميد ڪريون ٿا ته مستقبل ۾ وياج جي شرح ۾ به گهٽتائي ايندي. نگران وزيراعظم چيو ته وچولو ۽ وچٿرو طبقو پاڪستان جو ??نياد آهي ۽ انهي طبقن کي ملڪ کي اڳتي وٺي هلڻو آ??ي. اسڪالرشپ جي فراهمي جي حوالي سان امتيازي رويو ڪنهن سان نه ٿيڻ گهرجي. ليپ ٽاپ اسڪيم ۾ به ڪشمير جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي نظرانداز نه ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪا ڪوتاهي ٿي آهي ته ان جو ??زالو ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت آزاد ڪشمير جي قيادت ۽ حريت اڳواڻن سان ڊگهي مشاورت ٿي آهي ۽ فيصلو ڪيو ويو آ??ي ته اسان کي ڀرپور توانائي سان ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻو آ??ي. ڪشميري قيادت، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ۽ ٻين طبقن کي ڪهڙي طرح متحرڪ ڪيو ويندو، ان جا عملي اثر جلد نظر ايندا. نگران وزيراعظم چيو ته تحقيق ۽ ترقي قومن کي باعزت مقام ڏيارين ٿيون، ميڊيڪل جي شعبي ??ي لاءِ خصوصي معاون جي مقرري به ڪئي وئي آهي، ??هو به آزاد ڪشمير جو ??ورو ڪري ان حوالي سان معاملن جو ??ائزو وٺندو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته قومون پنهنجي جاگرافيائي سان گڏوگڏ پنهنجي روح ??ي لاءِ وڙهن ٿيون، ڪشمير تڪرار رڳو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ نه آهي، پر ڪشميري ان جو هر اول دستو آ??ن، ڪشميرين جي 200 سال جي تاريخ آهي ۽ اها سڃاڻپ تمام پراڻي آهي، ان جنگ ۾ پاڪستان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي، ڪشميرين جي 99.9 سيڪڙو آبادي وڏي جرئت ۽ همت سان وڙهي رهي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته مون غزه کي اهڙو مقام قرار ڏنو آ??ي جتي ٻارن سان هولوڪاسٽ ٿي رهيو آ??ي، اسرائيلي جنگي ڏوهن جو ??ڪر اسان هر جاءِ تي ڪيو آ??ي ۽ اڳتي به ڪندا رهنداسين، اسرائيل جيڪي ظلم ڪري رهيو آ??ي ان??ان?? تاريخ ۾ ان جو مثال شايد ئي ملي ٿو، حضرت موسيٰ جا پيروڪار هجڻ جا دعويدار فرعون بڻيل آهن، اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آ??ي، اسرائيلي فوج ٻارن ۽ عورتن کي نشانو بڻائي رهي آهي، اهڙي ڳالهه نه آهي ڪو سمجهي ته رڳو انهن جا جذبا آهن ۽ حڪومت جذبن کان خالي آهي. هن چيو ته بجاءِ ان جي جو ??سان هڪ ٻئي جي گريبانن ۾ هٿ وجهون پر اصل ڌيان ان ڳالهه تي رکڻ گهرجي ته هي جيڪو اسرائيلي ظالم نيتن ياهو آ??ي ان جا هٿ ڪيئن روڪيا وڃن ۽ اسان جي پهرين ڪوشش جنگبندي ۽ ان??ان?? ڪوريڊور کولڻ جي مطالبي تي رهي، غيرضروري بحث ڪنهن صورت ۾ به انهن معصوم شهيدن جي حق ۾ نه هوندو. نگران وزيراعظم چيو ته غزه اسان جي دل ۽ دماغ ۽ روح جي ويجهو آ??ي، فلسطينين تي ظلمن جي ڪري اسرائيل جي خلاف دنيا ۾ نفرت ۾ اضافو ٿيو آ??ي، غزه ۾ جنگبندي ??ي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪرڻ گهرجن، پاڪستان فلسطينين ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين جي وطن واپسي بابت سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اسان هڪ به افغان پناهگير کي واپس ناهي موڪليو، 50 لک افغان پناهگير پاڪستان ۾ رهي رهيا آهن، انهن مان 16 کان 17 لک جي رجسٽريشن ڪئي وئي، رجسٽرڊ ماڻهن مان ڪنهن هڪ کي به واپس ناهي موڪليو ويو پر ان سان گڏوگڏ لکين ماڻهن وٽ ڪو قانوني دستاويز نه هو ۽ اسان انهن کي لاڳيتو چئي رهيا هئاسين ته اهي پنهنجي وطن واپس وڃن ۽ اتان قانوني دستاويز تي پاڪستان اچي سگهن ٿا. هن چيو ته اسان کي پنهنجا وسيلا پنهنجي شهرين تي استعمال ڪرڻا آهن، غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين تي نه. هن چيو ته ذهني صحت جي حوالي سان معاملن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اميد آهي ته آزاد ڪشمير حڪومت ان حوالي سان قدم کڻندي. نگران وزيراعظم چيو ته اسان کي ڪنهن سان جنگ وڙهڻ جو ??وق نه آهي پر جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته اسان ڪمزوري ڏيکارينداسين يا جهُڪي وينداسين ته ??هو پنهنجي غلط فهمي ختم ڪري ڇڏي، هو 30 جنگيون وڙهندا ته اسان 300 جنگيون وڙهڻ ??ي لاءِ تيار آهيون، پاڪستان جي دفاعي صلاحيت جي ڪري ڪنهن ۾ جرئت نه آهي ته پاڪستان طرف اک کڻي ڏسي. جيڪا نعمت اسان کي رياست جي صورت ۾ ملي آهي ان جو قدر ڪرڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته هو هتي مشاورت ??ي لاءِ آيو آ??ي ۽ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آ??ي، هڪ ٻئي جي حوصلا افزائي به ڪنداسين ۽ هڪ ٻئي کان سکنداسين به، ڪنهن قدم جي مذمت ڪرڻ به هڪ عمل هوندو آ??ي، سفارتي، ميڊيا سميت ڪنهن به محاذ کي آواز اٿارڻ کانسواءِ نه ڇڏڻ گهرجي، سفارتي سطح تي ڪنهن به قدم جي جيڪڏهن مذمت ڪئي ويندي آهي ته اها به هڪ سفارتي گهرج هوندي آهي ان کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.