اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??يو آهي ته حڪومت سازي جي لاءِ سادي اڪثريت گهربل هوندي آهي، اليڪشن ڪميشن چونڊون منعقد ٿيڻ جي 14 ڏينهن جي اندر تصديق ٿيل نتيجا جاري ڪرڻ جي پابند آهي، آرٽيڪل 91 تحت صدر چونڊن کانپوءِ 21 ڏينهن تائين اجلاس گهرائي سگهي ٿو، 22 ۽ 29 فيبروري جي وچ ۾ ڪنهن به تاريخ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهجي ٿو. اها ڳالهه هن پي ٽي وي جي پروگرام ”رياست“ ۾ ڳالهائيندي چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??يو ته اليڪشن ڪميشن چونڊون منعقد ٿيڻ جي 14 ڏينهن جي اندر تصديق ٿيل نتيجا جاري ڪرڻ جي پابند آهي، فارم 49 ۾ کٽيل اميدوارن کي چونڊ خرچن جا تصديق ٿيل دستاويز اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائڻا هوندا آهن، جيڪڏهن اهي تفصيل ج??ع نه ٿا ٿين ته کٽيندڙ قومي اسيمبلي جو باضابطا ميمبر نه ٿو رهي. هن ??يو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي جيئن ئي سرڪاري نتيجا ملندا، پارلياماني معاملن واري وزارت جو ڪم شروع ٿي ويندو. نگران وفاقي وزير ??يو ته آرٽيڪل 91 تحت صدي چونڊن کانپوءِ 21 ڏينهن تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهي ٿو. هڪ سوال ج?? جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??يو ته حڪومت سازي جي لاءِ سادي اڪثريت گهربل هوندي آهي، 18 هين ترميم تحت صدر جو عهدو وفاق جي علامت آهي. هن ??يو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چو??ڊ جي فوري پوءِ قائد ايوان جي چونڊ ٿيندي، قائد ايوان يا وزيراعظم جي چو??ڊ جي لاءِ کلي راءِ شماري ٿيندي آهي، ڳجهي راءِ شماري ناهي ٿيندي، ڳجهي راءِ شماري اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چو??ڊ جي لاءِ هوندي. هڪ سوال ج?? جواب ۾ نگران وفاقي وزير ??يو ته مولانا فضل الرحمان ڏاهو سياستدان آهي، هن پارليامينٽ ۾ ويهڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هن ??يو ته اڪثر پارٽين جو اتفاق آهي ته شهباز شريف ٻي?? ڀيرو وزارت عظميٰ جو حلف کڻندو. هڪ ٻئي سوال تي هن ??يو ته ملڪ کي اهم ۽ وڏا چئلينجز درپيش آهن. هن ??يو ته ڪابينا جي انگ بابت فيصلو ايندڙ چونڊيل حڪومت ئي ڪندي. هڪ سوال ج?? جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي جو چوڻ هو ته نگران ڪابينا جڏهن حلف ک??يو ان وقت اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر ساڍي ٽي سئو کان چار سئو رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو هو، اسان حوالا هنڊي، ڊالر جي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدم کنيا، اسان جي انتظامي قدمن سان رپئي جي قدر ڊالر جي ڀيٽ ۾ بهتر ٿي. هن ??يو ته معاشي استحڪام سياسي استحڪام سان ڳنڍيل آهي، اميد آهي ايندڙ حڪومت سڌارن جو عمل جاري رکندي. هن ??يو ته ملڪي ترقي جي لاءِ گورننس کي بهتر ڪرڻو پوندو. نگران وفاقي وزير ??يو ته نگران حڪومت جو اختيار محدود هوندو آهي، اميد آهي نئين چونڊيل قيادت ملڪ جا وڏا مسئلا حل ڪندي، معاشي سڌارن ۽ معاشي بحالي جو عمل جاري رکيو ويندو.