اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي عملدارن پاران مسلم ڪانفرنس ڄمون ۽ ڪشمير جي بٽ ۽ سمجهي ڌڙن تي پابندي هڻڻ ۽ جماعت اسلامي ڄمون ۽ ڪشمير تي موجوده پابندي کي وڌيڪ 5 سالن تائين وڌائڻ جي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ??يو ته ان فيصلي کانپوءِ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 8 ڪشميري سياسي پارٽين کي غيرقانوني ??را?? ڏنو ويو آهي. هن ??يو ته انهن سياسي پارٽين جي قيادت ۽ ڪارڪنن کي پڻ ظلم ۽ ڏاڍ درپيش آهي. ترجمان ??يو ته اهي جابراڻا قدم عالمي انساني حقن ۽ انساني حقن جي مڪمل خلاف ورزي ڪندي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ اختلاف راءِ ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي دٻائڻ جي ڀارت جي مڪروهه ارادي جي عڪاسي ڪن ٿا. ترجمان ??يو ته ڀارت ڪالعدم ڪشميري پارٽين تان پابنديون فوري هٽائي، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??را??دادن تي فوري عملدرآمد ڪيو وڃي.