رياض -27 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي ??قتصادي ??ورم جي خصوصي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب جي گادي وا??ي هنڌ رياض پهچي ويو، رياض جي رائل ايئرپورٽ تي رياض ريجن جي ڊپٽي گورنر شهزاده محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان م??ابق وزيراعظم محمد شهباز شريف 28 کان 29 اپريل 2024ع تائين منعقد ٿيندڙ عالمي ??هڪار، ترقي ۽ توانائي بابت عالمي ??قتصادي ??ورم جي خصوصي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، ان دوري جي دعوت ولي عهد ۽ وزيراعظم سعودي عرب محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ عالمي ??قتصادي ??ورم جي باني ايگزيڪيوٽو چيئرمين پروفيسر ڪلاس شواب ڏني هئي. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ ناڻي وا??و وزير محمد اورنگزيب سميت اعليٰ سطح جو وفد پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندو، وزيراعظم ۽ وزير واپار ۽ سيڙپڪاري جي قدمن، سيڙپڪاري جي نئين فريم ورڪ، سپلاءِ چين جي نئين ??ر تنظيم سازي، جٽادار ترقي ۽ توانائي سان لاڳاپيل مسئلن تي ڊبليو ايم ايف ڳالهين ۾ شرڪت ڪندا. فورم ۾ اعليٰ سطح جي شرڪت خاص طور تي عالمي ??حت جي ڍانچي ۾ پاڪستان جي ترجيحن، جامع ترقي، علائقائي سهڪار کي زنده ڪرڻ ۽ ترقي ۽ توانائي جي کپت کي هٿي ڏيڻ وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ جي ضرورت کي پيش ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو، تقريب جي سائيڊ لائين تي وزيراعظم ۽ سندس وفد عالمي ??ڳواڻن جن ۾ سعودي ??يادت، عالمي ??نظيمن جا سربراهه ۽ تقريب ۾ شريڪ ٻين اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو.