اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوادر ۾ 7 ماڻهن جي بي ??حماڻي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مقولين جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪي??. هن چيو ته هو سوڳوار خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن، دهشتگردي جو اهو واقعو ملڪ دشمنن جو بزدلاڻو فعل آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.