اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسپي?? جي وزيراعظم پيڊ??و سانچيز جي فلسطين کي باضابطا رياست تسليم ڪرڻ جي اعلا?? جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اسپين جهڙي ملڪ جو فلسطي?? جي حقيقت کي تسليم ڪرڻ عالمي منظرنامي تي هڪ مثبت اڳڀرائي ۽ خوش آئنده ڳالهه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پيڊ??و سانچيز ۽ اسپي?? جي ماڻهن معصوم فلسطينين تي اسرائيل پاران جاري تاريخي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ غاصباڻي ارادن کي ان فيصلي سان رد ڪري ڇڏيو آهي، رفح ۾ اسرائيل جي اشتعال ان??يز بمباري جي نتيجي ۾ وڌيڪ 45 فلسطيني شهيد ٿيا، جنه?? جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. وزيراعظم چيو ته فلسطين ۾ جاري اسرائيلي نسل ڪشيءَ کي ختم ٿيڻ گهرجي، پاڪستان پنهنجي معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائر?? جي هڪ آزاد فلسطين ۽ بيت المقدس کي بطور ???? جي گادي وارو شهر قائم ٿيڻ تائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.