بيجنگ – 16 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چين جي ايگزم بئنڪ جي چ??ئر??ين ووفلن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ ايگزم بئنڪ جي چ??ئر??ين ايگزم بئنڪ جي پاڪستان سان پراڻي تعاون ۽ پاڪستان ۾ مستقبل جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران نائب وزيراعظم مالياتي ۽ اقتصادي استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ ڪاروبار د??ست پاليسين جو خاڪو پيش ڪيو، هن خاص طور تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو. نائب وزيراعظم پاڪستان جي معيشت تي عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جي تجديد ڪئي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ اهم ت??قياتي منصوبن جي لاءِ ايگزم بئنڪ جي ڀرپور حمايت کي ساراهيو. نائب وزيراعظم بئنڪ کي قابل تجديد توانائي، زراعت، صنعتڪاري ۽ صنعتي شعبن ۾ فنانسنگ جي نئين منصوبن جي ڳولا جي دعوت پڻ ڏني.