اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سارڪ چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن جي لاءِ ??اڪ??تان جو عزم اڻٿڪ آهي، ??اڪ??تان سارڪ کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي م??جب سائوٿ ايشين ايسوسيئيشن فار ريجنل ڪوآپريشن (سارڪ) جي ??يڪ??يٽري جنرل محمد غلام سرور جيڪو ??اڪ??تان جي پنهنجي پهرين دوري تي آهي، هن وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم کيس سارڪ جي 15 هين ??يڪ??يٽري جنرل جي طور تي م??رري تي مبارڪباد ڏني. هن اميد ظاهر ڪئي ته ??يڪ??يٽري جنرل تنظيم جي بحالي جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو، جيئن ته ??يڪ??يٽري جنرل سارڪ جو تعلق بنگلاديش سان آهي، وزيراعظم بنگلاديش جي وزيراعظم جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ??اڪ??تان بنگلاديش سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. علائقائي ڏس ۾ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سارڪ ۾ علائقائي ترقي، واپار، تعاون ۽ حصيداري جا تمام گهڻا امڪان آهن. هن سارڪ جي خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن سارڪ چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن جي لاءِ ??اڪ??تان جي اڻٿڪ عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته ??اڪ??تان سارڪ کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. ??يڪ??يٽري جنرل سارڪ شاندار ميزباني تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ سارڪ کي علائقائي تعاون جي لاءِ هڪ موثر پليٽ فارم بڻائڻ جي پنهنجي عزم کان آگاهه ڪيو. هن پنهنجي وفد جي م??مان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا پڻ مڃيا.