شينزن – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف پنهنجي 5 ڏينهن جي چين جي دوري جي پهرين مرحلي جي ٻئي ڏينهن تي مصروف وقت گذاريندو، وزيراعظم شينزن ۾ پاڪ چائنا بزنس فورم ۾ به شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ?? حصيداري ??ي لاءِ هي فورم هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. وزيراعظم ??ورم دوران ناليواري چيني هاءِ ٽيڪ ڪمپنين جي سربرا??ن سان پڻ ملاقات ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم ??انشان ون ونڊو، شينزن ميوزيم ۽ هواووي جي هيڊڪوارٽرز جو دورو پڻ ڪندو.