ڪوئيٽا – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو. وزيراعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪوئيٽا پهچڻ تي بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرف??از احمد بگٽي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اعظم نذير تارڙ، سردار اويس خان لغاري، عطاءُ الله تارڙ، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ??زيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم سان بلوچستان ڪابينا ۽ پارليامينٽ ميمبر ملاقات ڪندا. وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي آبادگارن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وفاقي ۽ بلوچستان حڪومت پاران هڪ تاريخي پئڪيج جو پڻ اعلان ڪندو.