اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) ??در آصف علي زرداري سرڪاري زمين جي پيداواري استعمال جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج کان فنڊنگ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسٽيٽ لينڊ بئنڪ قائم ڪرڻ جي تجويز ڏيندي ڪڇي ڪينال منصوبي کي ڏيڍ سال ۾ مڪمل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪڇي ڪينال سان بلوچستان 713000 ايڪڙ زمين سيراب ٿيندي، وفاقي حڪومت منصوبي جي ترجيحي ب??يادن تي وقت سر تڪميل يقيني بڻائڻ جي لاءِ فنڊز فراهم ڪندي. ??در اها هدايت ايوان ??در ۾ گرين پاڪستان منصوبي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران جاري ب??ان موجب ??در کي گرين پاڪستان منصوبي جي لاءِ اسٽريٽجڪ واهن جي تعمير بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو سيد محسن رضا نقوي ۽ اعليٰ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. ??در کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گرين پاڪستان منصوبي تحت 6 اسٽريٽجڪ واهن جي تعم??ر ڪئي ويندي، اسٽريٽجڪ واهن ۾ چشما رائٽ بينڪ، ڪڇي، ريڻي، گريٽر ٿل، چولستان ۽ ٿر ڪينال شامل آهن. بريفنگ ۾ چيو ويو ته واهن سان ملڪي پوکي جوڳي زمين، لائيو اسٽاڪ ۽ ماهيگيري جي صلاحيت وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن گرين پاڪستان منصوبي جي لاءِ اسٽريٽجڪ واهن تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڻي جو زيان روڪڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ واهن کي پڪو ڪيو وڃي، پاڻي تحفظ، پاڻي جو زيان گهٽ ڪرڻ ۽ پاڻي جي دستيابي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي آبپاشي جي شعبي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻو پوندو. ??در واهن جي ڀرپاسي وارن بنجر علائقن ۾ ڊرپ آبپاشي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته سرڪاري زمين جي پيداواري استعمال جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج کان فنڊنگ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسٽيٽ لينڊ بئنڪ قائم ڪئي وڃي. ??در آصف علي زرداري انڊس ريور سسٽم اٿارٽي جي اصلاح ۽ ان کي ب??تر بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. بريفنگ ۾ ??در کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪ??و ويو ته پاڻي جي دستيابي ۽ وهڪري جي حوالي سان صحيح ڊيٽا شيئرنگ جي لاءِ 27 ٽيلي ميٽري پوائنٽس قائم ڪيا ويندا.