اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) آذربائيجان جو صدر ال??ام عليوف پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي وزيراعظم شهباز شريف سندس شاندار استقبال ڪيو. ٻئي اڳواڻ ڀاڪر پائي مليا ۽ گرمجوشي سان هٿ ملايو. روايتي لباس پاتل ٻن ٻارن آذربائيجان جي صدر کي گل پيش ڪيا. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ ال??ه تارڙ پڻ موجود هئا. صدر ال??ام عليوف کي تپن جي سلامي پڻ ڏني وئي. آذربائيجان جو صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. هو دوري دوران صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان م??اق??تون ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاهدن ۽ مفاهم?? جي يادداشتن تي پڻ صحيحو?? ڪيون وينديون.