اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي سان ٽيليف??ن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن پاڪستان – يو اين ايڇ سي آر جي تعاون بابت لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ فرينڪفرٽ، لنڊن ۽ برسلز ۾ پاڪستان جي سفارتي مشنز جي خلاف (??فغ??ن شهرين پاران) تازا حملا ۽ پرتشدد مظاهرا پڻ بحث هيٺ آيا. هاءِ ڪمشنر ??فغ??ن پناهگيرن جي پاڪستان جي روايتي مهمان نوازي خاص طور تي پاڪستان حڪومت پاران پي او آر ڪارڊز جي مدي ۾ توسيع جي تازي فيصلي کي ساراهيو. ٻنهي عهد??دا??ن هاءِ ڪمشنر جي جولاءِ جي شروع ۾ پاڪستان جي دوري دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۽ اڄ جي ٽيليفونڪ ڳالهه ۾ پاڪستان – يو اين ايڇ سي آر جي تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۽ ??فغ??ن پناهگيرن جي مسئلي جو پائ??دا?? حل ڳولڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.