اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي سي??ريٽري محمد سائرس سجاد قاضي چيو آهي ته علائقائي امن، سلامتي ۽ سهڪار لاءِ آسيان ۽ ميمبر ملڪن سان پاڪستان پنهنجا لاڳاپا وڌائڻ جو پختو عزم رکي ٿو، آسيان جو علائقائي يڪجهتي ۽ خوشحالي لاءِ ڪردار ساراهه جوڳو آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق پرڏيهي سي??ريٽري 27 جولاءِ کان لائو پي ڊي آر ۾ منعقد ٿيل 31 هين آسيان ريجنل فورم وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي هن چيو ته ايشيا پيسفڪ خطي ۾ علائقائي تڪرارن تي پاڪستان جي نقطه نظ?? بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪندي گروپن جي سياست بدران ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏن??. هن ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڪشمير جي عوام جي خراب حالت کي اجاگر ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ان تڪرار جي حل جي ضرورت تي زور ڏن??. پرڏيهي سي??ريٽري غزه ۽ افغانستان جي صورتحال سميت علائقائي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. آسيان ريجنل فورم جي موقعي تي پرڏيهي سي??ريٽري آسيان جي ڊپٽي سي??ريٽري جنرل داتو استنه عبدالعزيز، چين جي نائب پرڏيهي وز??ر سن وي ڊونگ ۽ ملائيشيا جي پرڏيهي وزارت جي سي??ريٽري جنرل داتو سري عمران محمد زين سان پڻ ملاقات ڪئي.