لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ڪش??يرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن جا 5 سال پورا ??يڻ جي موقعي تي اسان ڪش??يرين جي خوداراديت واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. گذريل ڏينهن اي پي پي سان خاص ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته ڀارت جا 5 آگسٽ 2019 وارا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترن ئي ٺهرائن جون ڀڃڪڙيون آهن، جن ۾ اهو چيو ويو هو ته رياست ڄمون ڪش??ير جي مستقبل جو حتمي فيصلو ڪش??يري عوام جي مرضي مطابق آزاد، غيرجانبدار ۽ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ ووٽنگ ذريعي ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪش??يري ڀارت جي غيرقانوني قبضي خلاف لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. ڀارت غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ڪش??ير ۾ ناپاڪ ڪارروائين سان گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي رهيو آهي جنهن سان ڏکڻ ايشيا ۽ خطي لاءِ سنگين خطرا آهن. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون ٺهرائون ۽ ڪش??يري عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ڪش??ير تڪرار جو حل خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان والاريل ڪش??ير جي سمورن شهيدن کي انهن جي لازوال قرباني ۽ انهن جي پونئرن کي ان عزم ۽ حوصلي لاءِ ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا.