اسلام آب??د – 08 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نشان حيدر جو اعزاز ماڻيندڙ م??جر طفيل محمد ش??يد جي 66هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس و??گ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته قوم ملڪ جي دفاع جي خاطر جان جو نذرانو پيش ڪندڙ بهادر فرزند م??جر طفيل محمد ش??يد کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته م??جر طفيل محمد ش??يد بهادري سان دشمن جو مقابلو ڪندي شهادت ماڻي ۽ جرئت ۽ بهادري جو مثال قائم ڪيو. صدر چيو ته سڄي قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي. پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. صدر آصف علي زرداري م??جر طفيل محمد ش??يد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.