اسلام آباد-04-سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن ??ار?? وفاقي وزي?? محسن نقوي سان چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد ملاقات ڪئي جنهن ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي ۽ فرقي??ار??ت جي خاتمي، مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ بين المسالڪ اتحاد کي هٿي ڏيڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته دهشتگردي ج?? ڪو به دين ۽ مذهب ناهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عالم سڳورن پهرين به قوم جي رهنمائي ڪئي ۽ هاڻي به ان جي سخت ضرورت آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ موثر بياني لاءِ سمورن فرقن جي عالمن سان مشاورت ڪئي ويندي. هن ??يو ته عالم سڳورن سان مشاورت جي قومي مهم جو جلد آغاز ڪيو ويندو. دهشتگردي خلاف جنگ پاڪستان جي بقاءَ جي جنگ آهي، ان ناسور جي خاتمي لاءِ عالم سڳورن کي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجو عظيم ڪردار ادا ڪرڻو آهي. عالم سڳورن هميشه پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ??يو ته دشمن بدامني پکيڙي ڏڦيڙ پيدا ڪري قومي يڪجهتي کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو. سڀئي گڏجي دشمن جي ناپاڪ ايجندا کي ناڪام بڻائينداسين. مولانا عبدالخبير آزاد ??يو ته پيغام پاڪستا??، پاڪستان جو اهو عظيم بيا??يو آهي جنهن دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ فرقي??ار??ت کي حرام قرار ڏنو آهي. موجوده حالتن ۾ بين المسالڪ ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پاڪستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ گهرو وزير جون ڪوششون ۽ خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. هن ??يو ته دهشتگردي، انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ پوري قوم پنهنجي بهادر هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي. گهرو وزي?? محسن نقوي مولانا عبدالخبير آزاد جي مذهبي هم آهنگي، اتحاد ۽ وحدت جي حوالي سان خدمتن کي ساراهيو.